ڄام گوڙجي(اول)

ڄام گوڙجي(اول) - I: ڪتاب ’Cutch- The Jareja Dynasity (Genealogy)‘ موجب ڄام گوڙجي اول، رائو پراگمال جو وڏو پٽ هو. گوڙجي، پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ 1715ع ڌاري گاديءَ تي ويٺو. سندس حڪومت جو عرصو صرف ٽي سال رهيو، جيڪي هن پيءُ جي ڪيل نقصانن کي پوري ڪرڻ ۾ گذاريا. هن ڄام پرگمال جي طرفان ڏنل جاگيرون واپس ورتيون. هن انهن سان تـمـام گهڻـي هـمـدرديءَ وارو ورتـاءُ ڪيـو، جيڪي سندس پيءُ جي حڪـمرانيءَ واري دور ۾ ايذايا ويا هئا. هن غيـر آباد زميـنن کـي آباد ڪـري رعيـت کـي خــوشـحـال ڪـرڻ جـي وڏي ڪـوشـش ڪـئي. هـن کـي پـنج پـٽ هئـا: (1) ڄـام ڏيـسر، (2) ڄـام راءِ ڀاجـي، (3) ڄـام جيواڻي، (4) ڄام هجو ۽ (5) ڄام امرو.
ڄام گوڙجي اول، 1719ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو